23 آچر , سيپٽمبر 2018

ن ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي جو مائٽن سميت چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان

ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي کان ناراضگي بعد چونڊ 2018ع تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ايبٽ آباد  جي ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي اين اي 15 جي لاءِ ٽڪيٽ  نه ملڻ تي مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت کان سخت ناراض هو. اليڪشن تان هٿ کڻڻ واري اعلان ۾ ناراض اڳواڻ جا ويجها مائٽ به شامل آهن، عباسي جي پٽ شمعون يار خان قومي اسيمبلي جي تڪ 16 ۽ ڪزن صوبائي اسيمبلي جي تڪ 36 تان اليڪشن نه وڙهندا. ايبٽ آباد جي سردار شهريار خان ۽ سردار فريد به پارٽي ٽڪيٽون واپس ڪري ڇڏيون، جنهن بعد ن ليگ جي مسئلن ۾ وڌيڪ  واڌ ٿي وئي آهي، ان کان اڳ پي ڪي 37 تان سردار اورنگزيب، پي ڪي 38 تان ارشد اعواڻ ۽ پي ڪي 39 تان عنايت خان ٽڪيٽون واپس ڪيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے