22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پولنگ جو وقت وڌائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

The ECP declined an extension for the time of the ECP's polling stationsاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت وڌائڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ڏانهن خط لکيو هو جنهن ۾ عام چونڊن ۾ پولنگ جو وقت رات 8 وڳي تائين ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. نجي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته قانون جي موجب پولنگ جو وقت 8 ڪلاڪ آهي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار آهي ته هو مخصوص حالتن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو وقت وڌائي سگهي ٿي.  اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو آهي ته عام چونڊن جي شيدڊول جو اعلان ٿي چڪو آهي، انڪري اليڪشن ڪميشن وٽ اهو اختيار آهي ته پولنگ واري ڏينهن وقت ختم ٿيڻ کان ٽي ڪلاڪ اڳ ڪنهن مجبوري يا ضرورت جي تحت وقت وڌائي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے