20 خميس , سيپٽمبر 2018

عظيم موسيقار آر ڊي برمن جي 79 سالگرهه ملهائي پئي وڃي

The great musician will be hosting a 79-year-old RD Burmanممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ موسيقي جو حوالو آر ڊي برمن جي نالي کان سواءِ اڻپورو آهي. ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جي دنيا جيڪي  وڏا نالا پيدا ڪيا، تن ۾ خواجه خورشيد انور، رشيد عطري نوشاد کان ويندي اي آر رحمان تائين هڪ ڊگهي فهرست آهي ، پر موسيقي جي ڄاڻ سمجهه رکندڙ ان ڳالهه تي متفق ٿيندا  ته اوڀر جي موسيقي ۾ ”راهول ديو برمن“ عرف آر ڊي برمن جهڙو موسيقار اڄ تائين پيدا ناهي ٿيو، جيڪو ڪلاسيڪل موسيقي کان ويندي ويسٽرن ميوزڪ ۾ هڪ جيتري مهارت رکندو هو ۽  ان جي ميلاپ جو فن پڻ ڄاڻيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس تخليق ڪيل هر ڌن  ٻڌندڙن جي روح ۾ گهڙي ويندي هئي.  جڳ مشهور موسيقار آر ڊي برمن جا لکين چاهيندڙ اڄ سندس 79 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. آر ڊي برمن جنهن کي پنچم دا جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو، 1939 ۾ ڀارت جي شهر ڪلڪتي ۾ موسيقي جي دنيا سان تعلق رکندڙ خاندان ۾ جنم ورتو. سال 1960 ۾ هن فلمن ۾ موسيقي ڏيڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي 30 ورهين جي فلمي ڪيرئير ۾ هن 331 فلمن جي موسيقي ڏني. آر ڊي برمن جي مشهور ڌنن ۾” تيسري منزل،  جا گيت، چُرا ليا هي تم ني جو دل ڪو، پڙوسن، ڪٽي پتنگ، شولي ۽ ستي پي ستا جي ڪيترائي مشهور گيت شامل  آهن آر ڊي برمن موسيقي ۾ اوڀر، عربي ڌنن ۽ مختلف نون ڌنن کي پنهنجي موسيقي ۾ متعارف ڪرائي انهن کي جديد رنگ ڏنو، سندس گيتن مان گهڻي قدر ڪشور ڪمار ۽ سندس گهرواري آشا ڀوسلي آواز جو جادو جاڳايو موسيقي جي دنيا جو هو وڏو نالو 4 جنوري 1994 تي  مداحن کان وڇڙئي ويو پر سندس تخليق ڪيل ڌنون سدائين سندس چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے