26 اربع , سيپٽمبر 2018

اپيلن تي ٻڌڻي جو آخري ڏينهن، پي ٽي آءِ  جي فواد چوڌري جا نامزدگي فارم رد

The last day of hearing on the hearings, the PTI's nomination form rejected nomination formsاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلن تي ٻڌڻين جو اڄ آخري ڏينهن آهي ۽ ايپليٽ ٽريبيولن جي طرفان فيصلن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد جي ايپليٽ ٽريبيونل پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عرمان خان کي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد ٽو تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ٽريبيونل درخواست گذار هاروش ارشد شيخ جي طرفان عمران خان خلاف اُٿاريل سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته عمران خان جيڪي اثاثا 2013 ۾ ظاهر ڪيا اهي هاڻ ناهن، جسٽس محسن اختر ڪياني ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اليڪشن ٽريبيونل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري جا اين اي 67 جهلم تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽريبيونل اپيلن بابت ٻڌڻي ڪندي اين اي 243 تان ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا. خواجه اظهار نامزدگي ڪاغذ اين اي 243 جي جاءِ تي اين اي 242 ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا. ياد رهي ته اميدوارن جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد اليڪشن ڪيمشن 19 جون سڄي ملڪ هاءِ ڪورٽن جي ججن تي ٻڌل 21 اپيليٽ ٽريبيونل جوڙيا هئا، جتي داخل ڪيل اپيلن تي فيصلن لاءِ 27 جون تائين جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي.جنهن ۾ اسلام آباد لاءِ هڪ، ڪي پي ڪي ۾ 6، پنجاب ۾ 8، سنڌ ۾ 4 ۽ بلوچستان ۾ 2 اپيليٽ ٽريبيونل قائم ڪيا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے