26 اربع , سيپٽمبر 2018

زلفي بخاري وارو معاملو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ جواب پيش نه ڪرڻ تان بچاءُ واري وزارت تي ڪاوڙ جو اظهار

Zulfiqar Bukhari: In the written letter of Islamabad High courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي تي لکت ۾ جواب پيش نه ڪري تي بچاءُ واري وزارت جي نمائندي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توهان کي لکت ۾ جواب سان گڏ اڄ پيش ٿيڻو هو، سرڪاري ڪمن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، توهان کي ٻين ڌرين جو خيال رکڻ گهرجي، هتي ماڻهون مذاق لاءِ نه قانون جي احترام ۾ پيش ٿيندا آهن. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران بچاءُ واري وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو.  ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته نور خان ايئربيس تي پرائيوٽ جهاز ڪيئن لٿو؟ ڇا پرائيوٽ مقصد لاءِ ايئربيس استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن استعمال ڪري سگهجي ٿو ته ان جو طريقيڪار ڇا آهي، نيب جي درخواست نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي هئي، بليڪ لسٽ ۾ نالو ڇو وڌو ويو؟  جنهن بچاءُ واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته هن کي رات خبر پئي ته اڄ پيش ٿيڻو آهي، جڏهن ته پٽيشن جي ڪاپي به ناهي. عدالت تحريري جواب جمع نه ڪرائڻ تي بچاءُ واري وزارت جي نمائندي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عامر فاروق چيو ته لکت ۾ جواب سان اڄ پيش ٿيڻ گهرجي ها، سرڪاري ڪمن ۾ اهڙي طرح جي دير نه ٿيڻ گهرجي، توهان کي ٻين ڌرين جو به خيال رکڻ گهرجي هتي ماڻهون مذال لاءِ قانون جي احترام ۾ پيش ٿيندا آهن. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے