21 جمعو , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملو، 11 ڄڻا مارجي ويا

US drone attacks in Afghanistan killed 11 peopleڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اتر اوڀر واري صوبي نورستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 6 شهرين سميت 11 ڄڻا مارجي ويا. نورستان جي صوبائي گورنر حافظ عبدالقيوم موجب آمريڪي ڊرون حملو ويگال ضلعي ۾ رات جو ان وقت ڪيو ويو جڏهن علائقي واسي ۽ طالبان گذريل ڏينهن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ هڪ فرد جي عيادت لاءِ سندس گهر موجود هئا. ڊرون جهاز ان گهر کي نشانو بڻائيندي هڪ مزائل فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 شهرين سميت 11 ڄڻا مارجي ويا. هوڏانهن آمريڪي بچاءُ واري کاتي يا افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوج جي تازي ڊرون حملي جي حوالي سان ڪجهه به ناهي ٻڌايو. ان کان اڳ فرح صوبي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري افغان ڳجهي ايجنسي جي آفيسر کي قتل ڪري ڇڏيو. صوبائي گورنر محمد نصير مهري  جي ترجمان ٻڌايو ته هٿياربند فائرنگ بعد واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے