21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جا نامزدگي ڪاغذ رد

The nomination papers of the Appeals Tribunal PPP leader Adhikari were rejectedخيرپور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي صوبائي اسمبلي جي اميدوار منظور وساڻ جا نامزدگي ڪاغذ ايپلٽ ٽريبونل رد ڪري ڇڏيا. منظور وساڻ  صوبائي تڪ پي ايس 27 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جنهن جي خلاف ايپلٽ ٽريبونل اعتراض تي ٻڌڻي ڪرڻ بعد رد ڪري ڇڏيا. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته سندس نامزدگي ڪاغذ فارم ڇو رد ڪيا ويا،  جڏهن ته هو سمورا اثاثا ظاهر ڪري چڪو آهي. منظور وساڻ اعلان ڪيو آهي ته هو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندو.ياد رهي ته 2013 جي عام چونڊن ۾ منظور وساڻ خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 32 خيرپور 4 مان 44 هزار يارنهن ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي هئي. هن مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوار مير شاهنواز خان ٽالپور کي شڪست ڏني هئي جيڪو 32 هزار 174 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے