20 خميس , سيپٽمبر 2018

اپوزيشن جي احتجاج باوجود ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي سالياني بجيٽ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميونسپل ڪارپوريشن جي مالي سال 19-2018 لاءِ 27 ارب 17 ڪروڙ رپين جي سرپلس بجيٽ گڏيل راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي جو بجيٽ اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڪراچي جي ميئر خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. اپوزيشن جي سخت احتجاج باوجود وسيم اختر بجيٽ تقرير جاري رکي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 27 ارب 17 ڪروڙ رپين جي سرپلس بجيٽ پيش ڪئي. ميئر طرفان پيش ڪيل سالياني بجيٽ ۾ 96 لک رپين جي بچت ۽ خرچن جو ڪاٿو 27 ارب 16 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو، جڏهن ته ترقياتي رٿائن لاءِ 11 ارب رپيا رکيا ويا. اپوزيشن احتجاج کانپوءِ واڪ آئوٽ ڪيو پر مسلم ليگ جي اپوزيشن ميمبرن ميئر جي حمايت ڪئي ۽ بهترين بجيٽ بڻائڻ تي وسيم اختر کي خراج پيش ڪندا رهيا. مسلم ليگ ميمبرن جي حمايت سبب ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي جي ايندڙ مالي سال لاءِ 27 ارب 17 ڪروڙ رپين جي بجيٽ گڏيل راءِ سان منظور ڪئي وئي. ميئر ڪي ايم سي جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ سميت سمورن ضلعن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے