26 اربع , سيپٽمبر 2018

روهنگيا مسلمانن تي ظلم ڪندڙ برمي فوجي جنرل برطرف

برما (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين طرفان روهنگيا مسلمانن تي ظلم ۾ ملوث برمي آفيسرن خلاف پابندين کانپوءِ ميانمار فوج ظلم ۾ ملوث جنرل کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. برمي فوج گذريل سال راکين رياست سميت سڄي ميانمار ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي آڙ ۾ روهنگيا مسلمانن جو قتل عام ڪيو هو، عورتن جو جنسي استحصال ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين مسلمانن جا گهر ساڙي کين لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. يورپي يونين گذريل مهيني ميانمار جي رياست راکين ۾ مسلمانن تي ڪيل ظلم ۾ ملوث 7 اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن تي پابنديون لاڳو ڪيون هيون، انهن پابندين کانپوءِ ميانمار فوج جنرل مائونگ سو کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Qatar invites a million Pakistanis to make jobs

قطر پاران هڪ لک پاڪستانين کي نوڪريون ڏيڻ جي آڇ

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) قطر پاڪستان جي هڪ لک هنر مندن کي نوڪريون ڏيڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے