21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستان جو راڄ برقرار

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستاني ٽيم جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته نوجوان بيٽسمين بابر اعظم پڻ ٽاپ پوزيشن تي آهي.  آءِ سي سي رينڪنگ موجب قومي ٽيم 131 پوائنٽن سان ساڳئي پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ٻيو، ڀارت جو ٽيون، نيوزيلينڊ جو چوٿون، انگلينڊ جو پنجون، ڏکڻ آفريڪا جو ڇهون، ويسٽ انڊيز جو ستون، افغانستان جو اٺون، سريلنڪا جو نائون ۽ بنگلاديش جو ڏهون نمبر آهي. بيٽسمينن ۾ بابر اعظم جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته ڪولن منرو ٻئي، گلين ميڪسويل ٽئين، ايرون فنچ چوٿين، ايون ليوس پنجين، مارٽن گپٽل ڇهين، ايليڪس هيلز ستين، ورات ڪوهلي اٺين، محمد شهزاد نائين ۽ هيملٽن مساڪاڊزا ڏهين نمبر تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے