24 سومر , سيپٽمبر 2018

ٽي ٽوئنٽي ۾ نمبر ون بالر بڻجڻ چاهيان ٿو: شاداب خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ نمبر ون بالر بڻجڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ تربيت دوران ڳالهائيندي شاداب خان جو چوڻ هو ته منهنجي ٽيم ۾ آل رائونڊر جي حيثيت سان چونڊ ٿي، بيٽنگ جي شعبي ۾ به ٽيم کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، زمبابوي ۾ فليٽ وڪيٽن تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندس. هن چيو ته راشد خان بهترين بالر آهي، ڪوشش هوندي ته زبردست ڪارڪردگي ڏيکاريندي رينڪنگ ۾ ٽاپ تي جاءِ ٺاهيان، جڏهن ته ياسر شاهه منهنجو سينيئر آهي، جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دعا آهي ته ون ڊي ميچن ۾ به هو بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ مين آف دي سيريز بڻجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ڀارت کي ڪاميابيءَ لاءِ 238 رنسن جو هدف

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي ڪاميابي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے