23 آچر , سيپٽمبر 2018

فاروق ستار قومي اسيمبلي جي 3 تڪن تان چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار

NA-245: The leader rejected the nomination form of Farooq Sattarڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار خلاف سمورا اعتراض رد ڪندي کيس 3 تڪن تان چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏنو آهي، ان کان اڳ ڪراچي جي تڪ اين اي 245 (جمشيد ڪوارٽر، فيروز آباد) تان ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ لاءِ ٿيندڙ ٻڌڻي تي فاروق ستار رٽرننگ آفيسر اڳيان پيش نه ٿيو هو، جڏهن ته ايس ايس پي طرفان فاروق ستار بابت جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته فاروق ستار خلاف ڪيترائي ڪيس آهن، کيس عدالت مفرور قرار ڏئي چڪي آهي ۽ سندس گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيل آهن، فاروق ستار نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪيسن جو ذڪر ناهي ڪيو. رٽرننگ آفيسر فاروق ستار جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ حقيقتون لڪايون ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي خلاف داخل ڪيسن جو ذڪر نه ڪيو، هن ٻه ايف آءِ آرز ظاهر نه ڪيون، هو ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران مفرور ٿي ويو. رٽرننگ آفيسر فيصلو ٻڌايو اين اي 245 تان فاروق ستار جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا پر فاروق ستار جي وڪيل اليڪشن ٽربيونل اڳيان موقف پيش ڪيو ته آر او ٻن ڪيسن جو ذڪر نه ٿيڻ تي فاروق ستار جا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا پر اسان ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪئي آهي، تنهن ڪري فاروق ستار کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن فاروق ستار خلاف آر او جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اپيل منظور کيس کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏنو. اليڪشن ٽربيونل اين اي 241 ۽ 247 تان به فاروق ستار خلاف درخواستون رد ڪندي سندس اپيل منظور ڪري ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے