21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پروگرام ٽيون رخ | پاڪستان ۾ ڪرپشن جو طوفان ۽ جمهوري سگهه

(ڪراچي رپورٽر) حڪمراني بدترين ٿي چڪي آهي ۽ ادارا مڪمل طور تباه ٿي ويا آهن، حڪمرانن پنهنجن ذاتي مقصد خاطر اسيمبلين کي استعمال ڪيو آهي، حڪمرانن نوي سيڪڙو ماڻهن کي لٽي پنهنجا اڪائونٽ ڀريا آهن، آصف علي زرداري وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري پر جنرل پرويز مشرف مخالفت ڪئي هئي، گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس غير جهموري قوتن جي ايجنڊا تي ٺهيو آهي پ پ پ کي نواز ليگ بدران احتساب جي شروعات پاڻ کان ڪرڻ گهرجي. اسٽيل ٽائون واقعي ۾ چيني انجنيئرن کي نشانو بڻائڻ ۾ ٻاهريون قوتون شامل آهن.اهڙو اظهار سينيئر صحافي دستگير ڀٽي،صحافي وارث رضا،ليکڪ حافظ سڪندر تنيو ع آ ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ ڪيو. سينيئر صحافي ۽ ليکڪ دستگير ڀٽي چيو ته حڪمراني بدتري ٿي چڪي آهي ۽ ادارا مڪمل طور تباه ٿي ويا آهن، چيف جسٽس کي ازخود نوٽيس وٺڻ گهرجي.زرداري ۽ نواز شريف رڳو پنهنجن ماڻهن کي نوازيو آهي. حڪمرانن پنهنجن ذاتي مقصد خاطر اسيمبلين کي استعمال ڪيو آهي.حڪمرانن نوي سيڪڙو ماڻهن کي لٽي پنهنجا اڪائونٽ ڀريا آهن.گوادر ۽ ڪراچي بندرگاه وسيلي وچ ايشيا تائين ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو.چين جي سيڙپڪاري سان خطي جو نقشو مڪمل طور تي تبديل ٿي ويندو. اسٽيل ٽائون واقعي ۾ چيني انجنيئرن کي نشانو بڻائڻ ۾ ٻاهريون قوتون شامل آهن.آصف علي زرداري عالمي قوتن کي وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري هئي،جنهن ڳالهه جي ان وقت جي جنرل پرويز مشرف مخالفت ڪئي هئي.پاناما ليڪس تي سياسي پارٽين پاران ڊرامو رچايو ويو آهي.پاڪستان جي تاريخ ۾ سياستدانن سان ڪڏهن به احتساب ناهي ٿيو. جهموري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ به جهموري طريقي ڪار هوندو آهي.گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس غير جهموري قوتن جي ايجنڊا تي ٺهيو آهي. ايم ڪيو ايم وانگر پنجاب ۾ نواز ليگ جي متبادل قوت پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.اسٽيبلشمينٽ ٻين غير جهموري قوتن کي هٿي وٺرائي رهي آهي. سينيئر صحافي وارث رضا چيو ته عالمي دٻاءِ جي ڪري اسٽيبلشمينٽ ۾ هاڻي ايتري سگهه ناهي رهي جو چونڊيل حڪومتن کي ختم ڪري سگهي.عالمي دنيا هٿيارن جي واپار کي هٿي ڏئي رهي آهي.انساني تاريخ ۾ اسان کان وڌيڪ ڪرپشن جو شڪار يورپ جو معاشرو رهيو آهي. ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ اخلاقي ڪرپشن کي روڪڻو پوندو.چين هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مدد ڪندو رهيو آهي.ذوالفقار ڀٽي جو سياست ۾ آڻڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هيو.گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس غير جهموري رستي لاءِ راه هموار ڪري رهيو آهي.ماڻهن کي ڪرپٽ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار غربت جو آهي جيڪا پ پ جي پيداوار آهي. ليکڪ حافظ سڪندر تنيي چيو ته ملڪ جي ٺهڻ سان ئي ڪرپشن جا بنياد رکيا ويا.حڪمرانن آئين سان غداري ڪري ڪرپشن کي هٿي ڏني.پاڪستان پيپلز پارٽي کي نواز ليگ جو احتساب ڪرڻ جي بدران پاڻ کان شروعات ڪرڻ گهرجي.پ پ پ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ نواز ليگ جي مخالفت ڪري رهي آهي.پ پ پ جي شهرت هاڻي بدنامي ۾ تبديل ٿي رهي آهي.هاڻي هر غلط عمل جي پ پ پ حمايت ڪري رهي آهي.طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ جي ماضي ۽ حال ۾ وڏو فرق آهي.ماضي ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جي حقن لاءِ وڙهندڙ عوامي تحريڪ هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے