22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار جا اثاثا 6 ڪروڙ 25 لک جا، طلال وٽ نه گهر نه گاڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي آهي، دستاويزن موجب چوڌري نثار جي اثاثن جي ڪل ماليت 6 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ آهي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو پاڪستان کان ٻاهر ڪو به بزنس ناهي ۽ نه ئي سيڙپڪاري جڏهن ته هو بينڪ ۾ هڪ ڪروڙ 95 لک رپيا آهي. دستاويزن موجب چوڌري نثار وٽ 2 لک 35 هزار رپين جو فرنيچر آهي،  هن ڪنهن بينڪ يا مالياتي اداري کان ڪو به قرض ناهي ورتو، چوڌري نثار علي جي گهرواري يا گهر ڪو به فرد ڊيفالٽر ناهي، هو نه پاڻ ڪو واپار ڪندو آهي نه ئي وري سندس گهر جو ڪو ٻيو فرد. دستاويزن موجب چوڌري نثار علي جي گهرواري ۽ ڌيءَ هن جي ڪفالت هيٺ آهي. سندس آمدني جي ذريعن ۾ زرعي انڪم، مسواڙ ۽ ملڪيت جي ذريعي وصوليون آهن. چوڌري نثار 5 پرڏيهي دورا ڪيا جيڪي سرڪاري هئا. هن وٽ ٻئي ملڪ جي شهريت به ناهي. هوڏانهن شاهاڻي زندگي گذاريندڙ طلال چوڌري به اثاثن ۾ غريب نڪتو، اڳوڻي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري وٽ پنهنجو به ناهي ۽ نه ئي ڪا ذاتي گاڏي جڏهن ته هن بينڪ کان 50 لک قرص وٺي ڪاروبار شروع ڪري رکيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اڳوڻي مملڪتي گهرو وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري پنهنجي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ٻڌيو ته سندس نالي تي نه ئي ڪا ذاتي گاڏي آهي نه ئي هن جو گهر آهي جڏهن ته هن بينڪ کان 50 لک قرض وٺي واپار شروع ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے