26 اربع , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن جو نيب جي ڪارروائين تي سخت حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي نيب جي ڪارروائين جي خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي. قومي احتساب بيورو (نيب) گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي تڪ اين ي 59 تان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمر الاسلام کي گرفتار ڪيو جنهن کي صاف پاڻي ڪمپني واري اسڪينڊل ۾ 14 ڏينهن جي جسماني ريمارڊ تي نيب جي حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن نيب جي ڪارروائين تي سخت حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ن ليگ جي سربراهه نواز شريف لنڊن مان پارٽي اڳواڻن کي فون ڪيا جنهن ۾ هن نيب جي ڪارروائين جي خلاف احتجاج جي هدايت ڪئي آهي. ميان نواز شريف پارٽي جي صدر شهباز شريف کي به ڪراچي ۾ ٽيليفون ڪئي ۽ چونڊ مهم تي ڳالهيون ڪيون. ٻئي پاسي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي به ن ليگي اميدوار قمر الاسلام جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے