22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

جي ڊي اي اتحاد نه پر ڏڦيڙ آهي، هو اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ ٿا چاهن: نفيسه شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نفيسه شاهه طرفان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) جي اليڪشن ڪميشڻ جي نالي لکيل خط کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نفيسه شاهه جي ڊي اي جي خط تي رد عمل ڏيند چيو ته اها الائنس نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.  نفيسه شاهه چيو ته جي ڊي اي گرائونڊ ۾ ڪڏهن به ناهي آئي، ان ڪري من پسند ماڻهن کان چونڊ کٽرائڻ چاهي ٿي، نگران سيٽ اپ آئين جي موجب بڻيل آهي. ياد رهي ته ڪالهه گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. ان پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي به اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪندي، جي ڊي ي اتحاد ناهي ڏڦيڙ آهي، جنهن جو فوڪس رڳو سنڌ آهي. هن چيو ته جي ڊي اي وٽ منشور ناهي، اهي رڳو پريس ڪانفرنس ڪندا آهن، جي ڊي اي پريس ڪانفرنس جو مقصد اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے