22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

يوسف رضا گيلاني کي ملڪيت گروي رکڻ عيوض چونڊ وڙهڻ جي اجازت  ملي وئي

ملتان(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽريبونل يوسف رضا گيلاني کي 30 ڪروڙ جي ملڪيت گروي رکرائڻ جي عيوض اليڪشن وڙهڻ جي اجازت  ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب ايپل ٽريبونل ۾ يوسف رضا گيلاني جي خلاف قرض معاف ڪرائڻ بابت اعتراض تي ٻڌڻي ٿي، اسٽيٽ بينڪ جي مينجر جسٽس قاضي امين عدالت ۾ پيش ٿيو.  جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته يوسف رضا گيلان بينڪ کان قرض معاف ڪرايو، قرض معاف ڪرائڻ جي شرح 20 لک رپين کان گهٽ آهي. جسٽس قاضي امين چيو ته اڳوڻي وزير اعظم زڪوات، خيرات ۽ صدقي جي مد ۾ 20 ڪروڙ 80 لک رپيا معاف ڪرايا، عدالت چيو ته يوسف رضا گيلاني اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ 30 ڪروڙ جي ملڪيت گروي رکرائيندو، عدالت ايراضي گروي رکرائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشن مدثر رياض کي طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي امن چيو ته قرض واپس ٿيڻ تي گروي رکرايل ملڪيت واپس ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے