19 اربع , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ۾ پابندي ختم ٿيڻ بعد سوا لک عورتن جون ڊارائيونگ لائسنس لاءِ درخواستون

Applications of dangling licenses of hundreds of women after sanctions in Saudi Arabiaرياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ  تي پابندي ختم هئڻ تي وڏي انگ ۾ عورتن ڊارائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي گهرو وزارت جي ترجمان ميجر جنرل منصور الترڪي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته عورتن جي پروفيشنل طريقي سان ڊرائيونگ سيکارڻ لاءِ 6 تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ لک 20 هزار عورتون تربيت مڪمل ڪرڻ بعد ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. ٻئي پاسي شهزادي الوليد بن طلال ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس ملڪ عورت کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏئي 21 هين صدي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ان سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۾ بهتري اچڻ سان گڏوگڏ عورتن لاءِ روزگار جو موقعا پڻ موجود هوندا. ان موقعي ته هڪ ويڊيو پڻ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ هو پنهنجي ڊرائيونگ ڪندڙ ڌيءَ سان گڏ نظر اچي رهيو آهي. ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت تي عملدرآمد سان سعودي عرب کي 90 ارب ملين ڊالرن جو فائدو ٿيندو، جڏهن ته ساليانو 70 هزار عورتون مارڪيٽ ۾ حصو بڻجنديون. هوڏانهن عورت کي ڪار هلائڻ جي اجازت ملڻ بعد مدينه منورا جي رهائشي عورت اميمه علي قاضي پهريون ڀيرو پاڻ ڪار هلائي مسجد نبوي پهتي. جڏهن ته اردن ۾ عورتن الحديثه بري اردن مان پاڻ گاڏي ڊارئيو ڪندي سعودي سرحدي چوڪي پهچي وئي جتي ڪسٽم ۽ اميگريشن اختيارين عورتن جي سموري ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪئي. فرانس جي رينو ڪپمني اهي اطلاع ڏيندي واضح ڪيو آهي ته اسيل الحمد فرانسيسي ڪار ريسنگ جي بحالي تي فارمولا گاڏيون هلائندي. اسيل پهرين عورت آهي جنهن سعودي ڪار ۽ موٽر سائيڪل آرگنائزيشن جي ميمبر شپ حاصل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے