19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو باگو:  ڪولهي برادري جو  بااثرن پاران پلاٽ تان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاج

*Tandobagho: Protest against feudal for throwing poor people out of their housesٽنڊي باگي ويجهو  ڪولهي برادري ، بااثرن پاران پلاٽ تان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڳوٺ سومار جاڙو جي رهواسين شريمتي، صاحبان، رامي، ناوي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو پوليس ٿاڻي جي آڏو احتججاي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي   هنن الزام هنيو ته گذريل رات بااثر ماڻهن ٻن عورتن سترو ۽ ميڻي کي ڌڪ هنيا هئا، جنهن جي اطلاع ٽنڊي باگي پوليس کي به ڏني آهي.

 هنن چيو تھ پوليس کي دانهن ڏيڻ تان   بااثر ماڻهون کين ڌمڪائي رهيا آهن.

 هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن   ٽنڊوباگو ايس ايڇ او طرفان خاطري بعد مظاهرو ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے