19 اربع , سيپٽمبر 2018

سوشل ميڊيا  تي  ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج تي تنقيد

Criticized Indian Foreign Minister Sushma Swaraj on social mediaنئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ مسلمان شخص سان شادي ڪندڙ هندو عورت جو پاسپورٽ تڪرار جو سبب بڻجي ويو. تفصيل موجب ان پاسپورٽ سبب پرڏيهي وزير ۽ بي جي پي جي اهم اڳواڻ سُشما سوراج کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.  سُشما سوراج اعتراض جوڳييون ٽوئيٽ ڪندڙ مٿان ڪڙڪي پئي. گذريل ڏينهن هن اهڙين ڪجهه ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن خلاف زبان جي غلط استعمال ڪيو ويو هو، ان سان گڏ ئي هن اهو پڻ ٻڌايو ته جنهن وقت  پاسپورٽ تي تڪرار ٿيو هو ان وقت پرڏيهي دوري تي هئي. هن لکيو آهي ته هو 17 کان 23 جون جي وچ وارن ڏينهن ۾ ڀارت کان ٻاهر هئي، سندس غير موجودگي ۾ ڪيل ڪم بابت هن کي ڪا به ڄاڻ ناهي، بهرحال مونکي ڪجهه ٽوئيٽ ذريعي مان ڏنو ويو آهي! ان بعد سُشما سوراج ڪجهه ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ پڻ ڪيو. ياد رهي ته ڀارتي عوام جي اها تنقيد سشما سوراج جي طرفان اتر پرديش جي پاسپورٽ آفيسر وڪاس مشرا جي لکنئو مان گور کپور ٽرانسفر تي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ هڪ مسلمان انس صديقي سان شادي ڪندڙ هندو عورت تنو سيٺ جو پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وڌي هئي.انس صديقي واقعي خلاف احتجاج ڪندي سُشما سوراج جي نالي واقعي جو تفصيلي ٽوئٽ ڪيو هو جنهن تي وڪاس مشرا کي بدلي ڪيو ويو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے