21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شامي فوج جي بمباري، 70 باغي مارجي ويا

Shami bombardments, 70 rebels were killedعمان(ويب ڊيسڪ) شام ۾ صدر بشارالاسد جي حامي فوج جي بمباري ۾ 70 باغي مارجي ويا روسي بچاءُ واري وزارت موجب شام جي ڏاکڻي حصي(غيرعسڪري علائقي) ۾ باغين جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. روسي خابرو اداري ملڪي بچاءُ واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان دوران شامي فوج هٿان 70باغي ويڙهاڪ مارجي ويا. آپريشن ۾ شامي فوج روسي هوائي فوج جي مدد حاصل ڪئي. شامي فوج ملڪ جي ڏاکڻي صوبي درعا ۾ باغين خلاف آپريشن ۾ پيش قدمي ڪري رهي آهن. درعا صوبي جي اوڀر واري  پاسي قائم باغين جي قبضي هيٺ علائقن مان گذريل هڪ هفتي دوران لڳ ڀڳ ويهه هزار ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. شامي فوج درعا ۾ باغين جي ٺڪاڻن تي بيرل بمن سان حملو ڪيو.ان حوالي سان  اردن ترجمان پنهنجي بيان ۾  چيو آهي ته شامي حڪومت طرفان اردن جي سرحد ويجهو شام جي ڏاکڻي حصي ۾ شروع ڪيل نئي ڪاروائين جي سبب هتان کان نڪرندڙ وڌيڪ شامي شهرين کي اردن ۾ قبول نه ڪيو ويندو.جڏهن ته  آمريڪا باغين کي چيو آهي ته اهي ان حوالي سان ڪا به اميد نه رکن ته آمريڪا انهن جي بچاءُ لاءِ ڪا ڪاروائي ڪندو. اردن حڪومت جي عورت ترجمان جمانه عينمات چيو آهي ته اردن قومي مفادن جي تحفظ لاءِ آمريڪا ۽ روس سان گڏجي ڪري ڪم ڪري رهيو آهي. اردن ۾ هن وقت به 6 لک 60 هزار رجسٽرڊ شامي پناهگير رهندڙ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے