22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نائيجيريا: هارين ۽ مالوندن ۾ جهيڙو، مارجي ويلن جو انگ80 ٿي ويو

Nigeria: The number of Jahadas, the killers in 80 in Harin and Maldivesابوجا(ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ هارين ۽ مالوندن ۾ رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ 86 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب هنگامي دوران 50 گهر، 15 موٽر سائيڪلون ۽ 2 گاڏيو پڻ ساڙيون ويون، رتوڇاڻ بعد پليٽيو رياست جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن صدر محمد بوهاري جهڙيندڙ قبيلي کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪجهه رپورٽن موجب اهو جهيڙو خميس کان شروع ٿيو جڏهن نسلي نيروم ۾ هارين نسلي فيلومي مالوندن تي حملو ڪري انهن جي پنجن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابي حملن ۾ وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن، اهو علائقي ڪيترين ئي ڏهاڪن کان زميني تڪرارن ۽ پراڻي قبيائلي جهيڙن جي تاريخ رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے