19 اربع , سيپٽمبر 2018

عورتن سان بدترين سلوڪ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت جو پهريون نمبر

The first number of Indians in the worst developing countries with womenلنڊن(ويب ڊيسڪ) ڀارت کي عورتن سان خراب سلوڪ ڪندڙ دنيا جو بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي طرفان عورتن سان خراب سلوڪ تي هڪ سروي ڪيو ويو جيڪو 550 ماڻهن تي ٻڌل هو. سروي رپورٽ موجب سڀ کان وڏي جهموريت هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ باوجود والاريل ڪشمير ۾ چڙ ڏياريندڙ ۽ جارحيت جو سرعام مظاهرو ڪندڙ ملڪ ڀارت عورتن سان خراب سلوڪ رکڻ تي دنيا جو بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ سروي ۾ ڀارت جو پهريون نمبر آهي. ڀارت ۾ عورتن سان خراب رويو ۾ جنسي غلامي، گهرو ۽ جسماني تشدد، زوري ڪم ڪرڻ تي راضي ڪرائڻ، زبردستي شادي ڪرائڻ وغيرا شامل آهن جڏهن ته 7 سال اڳ ان ئي سروي ۾ ڀارت ستين نمبر تي موجود هو.  رائٽرز سروي موجب پهرين نمبر تي ڀارت، افغانستان ٻئي، شام ٽئين، صوماليا چوٿين، پنجين نمبر تي سعودي عرب، ڇهين نمبر تي پاڪستان، ستين نمبر تي ڪامبو، اٺين نمبر تي يمن، نائين نمبر تي نائيجيريا جڏهن ته ڏهين نمبر تي آمريڪا موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے