24 سومر , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن اڳواڻ قمر الاسلام 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت لاهور مان گرفتار ڪيل مسلم ليگ ن جي اڳواڻ قمر الاسلم  کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو آهي. انجنيئر قمر الاسلام کي مسلم ليگ ن ايم اين اي 59 تان چوڌري نثار سامهون اميدوار نامزد ڪيو آهي جنهن کي صاف پاڻي اسڪيم اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيو ويو. نيب قمر الاسلام ۽ وسيم اجمل کي سخت سڪيورٽي ۾ لاهور جي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. قمرالاسلام جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب سموري ڪارروائي رڳو الزامن جي بنياد تي ڪري رهيو آهي، نيب ۾ ڪرپشن جي درخواست اچڻ ثبوت آهي، قمر الاسلام چوڌري نثار خلاف چونڊ وڙهي رهيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته صاف پاڻي ڪمپني ۾ قمر الاسلام چيف ايگزيڪيوٽو هو، وسيم اجمل آيو ته تنهن وقت ڊائريڪٽر به هو، جيڪي به پلانٽ لڳا سندن دور ۾ لڳا آهن.  نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا قمر الاسلام جي 15 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي جوابدار جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو. احتساب عدالت جوابدار قمر الاسلام ۽ وسيم اجمل کي جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ٻنهي جوابدارن کي 9 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قمر الاسلام عدالت ۾ بيان ڏنو ته مون وٽ صاف پاڻي ڪمپني جو انتظامي اختيار نه هو، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته ڪروڙين رپين جي بچت ڪئي، سڀ کان گهٽ واڪ 111 ڪروڙ جو آيو جنهن کي ٺيڪو ڏيڻو هو پر اسان ڳالهيون ڪري 98 ڪروڙ تي آندو، نيب چوي ٿي ته اهي ڳالهيون ڇو ڪيون ويون. هن چيو ته 10 سالن کان پارليامينٽ جو ميمبر آهيان، اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ڄڻ پرڏيهي هجان، منهنجا پير ٻڌي مخالف کي گهوڙي تي ويهاريو ويو آهي، مان ڪيئن چونڊ مهم هلايان. عدالت قمرالاسلام کي هدايت ڪئي ته توهان عدالت ۾سياسي بيان کان پاسو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے