24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪو ظالم ۽ ڪريل شخص هوندو جيڪو بيماري جو بهانو بڻائيندو: ڪيپٽن صفدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته اهو ڪو ظالم ۽ ڪريل شخص هوندو جيڪو بيماري جو بهانو بڻائيندو، اسحاق ڊار کي دل جي تڪليف آهي ۽ هو علاج ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي گهر ۾ پريشاني هجي بيماري هجي تنهن تي ڳالهائڻ نه گهرجي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن صفدر چيو ته اسحاق ڊار صحت سبب ملڪ ڇڏيو ته اڄ ڊالر ڪاڏي وڃي رهيو آهي، هو ناڻي وارو وزير هو ته ڊالر 100 رپيه  هو، کيس دل جي تڪليف آهي ۽ علاج ڪرائي رهيو آهي جيڪو شخص جيل نه ويو آهي اهو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪو شخص جيل ۾ بيمار ٿيندو آهي تنهنجو علاج جيل جي ذميواري هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ملڪيت 1872ع کان اچي رهي آهي، جيڪڏهن ڪاروبار هجي ها ته چون ها مني ٽريل ٻڌائي وڃي.   سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڏيهه ضرور واپس ايندو، هو ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے