24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: اليڪشن ٽريبيونل ۾ اين اي 204 گھوٽڪي تي خالد خان لنڊ خلاف داخل اعتراض رد

Sukkur: Call into question upon Khalid khan lund cancelled in election tribunal NA 204 Ghotki*سکر اليڪشن ٽريبيونل ۾ اين اي 204 گھوٽڪي تي خالد خان لنڊ خلاف داخل اعتراضن کي ٽريبيونل جي جج جسٽس فھيم صديقي رد ڪندي خالد لنڊکي اليڪشن وڙھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ٽريبيونل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد لنڊ چيو تھ  مخالفن هن مٿان  ڪوڙو اعتراض داخل ڪيو جنھن کي ٽريبيونل جج رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو تھ  اليڪشن ۾ علي گوھر مھر ۽ سندس ساٿين کي بري شڪست نصيب ٿيندي.

خالد لنڊ  الزام مڙهيندي چيو تھ علي گوھر مھر منافق آھي ھو مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿيو، سندس منافقت مان ھر ماڻھو واقف آھي.

هن چيو تھ پ پ سڄي سنڌ ۾  ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandobagho: Drought conditions increased

نيوز : ٽنڊو باگو : ڏڪار مٿاثر ٿري ماروئڙا ٽنڊي باگي پهتا، پاڻي کوٽ سبب پريشان

*ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار سبب مسڪين ماروئڙا پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري ٽنڊي باگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے