21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رات جو کير پيئڻ جا ڪهڙا فائدا آهن؟

What are the benefits of dinner?ڪراچي(ويب ڊيسڪ) کير هڪ مڪمل خوراڪ آهي، جنهن ۾ ڪيلشيئم، پروٽين، وٽامن(اي، ڪي ۽ بي12) امائنو ايسڊز، فائبر، سوڊيم ۽ ٻيون خاصيتون شامل آهن جيڪي جسم کي توانائي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. هوئين تو چيو ويندو آهي صبح جو نيرن ۾ کير پيئڻ گهرجي، ڇو ته سڄي ڏينهن قوت مدافعت کي برقرار رکندو آهي، جڏهن ماهرن چيو آهي ته رات جو 1 ڪپ کير پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏيجن ٿا.

پُرسڪون ننڊ:

اڄ ڪلهه وڏي عمر وارن ماڻهن سميت نوجوانن کي پڻ ننڊ نه اچڻ جو مسئلو پيش اچي رهيو آهي، جنهن سبب انهن جي صحت متاثر ٿيندي آهي، جلد ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيڻ ۽ جسم سڄو ڏينهن سستي جو شڪار رهندو آهي، خوراڪ جي ماهرن موجب کير ۾ Tryptophanنالي اهڙي امائنو ايسڊز هوندا آهن جيڪي سڄي رات جو پر سڪون ننڊ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. رات جو هڪ گلاس ڪڙهيل کير پيئڻ سان بهترين ننڊ ايندي آهي، صبح جو اٿي ڪري موڊ خوشگوار رهندو آهي ۽ صحت ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان گڏوگڏ کير جسم ۾ ميلا ٽونن جي مقدار کي پڻ وڌائيندو آهي جيڪو هڪ هارمون آهي جنهن جي ذريعي پُرسڪون ۽ گهري ننڊ ايندي آهي.

کير بيمارين کي روڪڻ جي طاقت ۾ اضافوڪندو آهي:

رات جو هڪ ڪپ کير پيئڻ سان نه رڳو پُرسڪون ننڊ ايندي آهي پر بيمارين کان روڪڻ واري طاقت ۾ پڻ اضافو ڪندي آهي، صبح اٿڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن ٿڪاوٽ محسوس ناهي ٿيندي ۽ جسم سڄو ڏينهن حرڪت ۾ رهندو آهي.

کير هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند:

جيڪڏهن قبض يا  تيزابيت جي شڪايت آهي ته رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ هڪ ڪپ کير ضرور پيئو، ان سان نه رڳو هاضمي جو نظام تيزي سان ڪم ڪندو پر اهو سيني جلن ۽ معادي جي خرابي کي به درست ڪندا آهن.

کير پيئڻ سان هڏا مضبوط ٿيندا آهن:

کير ۾  گهڻي مقدار ۾ ڪيلشيئم هوندو آهي، جيڪو هڏين جي مضبوطي لاءِ انتهائي فائديمند آهي. رات جو هڪ ڪپ گرم کير پيئڻ سان جسم ۾ ڪيلشيئم جو اضافو ٿيندو آهي، جنهن سان هڏيون اڳ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط ٿي وينديون آهن. هي جوڙن ۽ پٺن جو سور ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

کير شگر جي مريضن لاءِ به مددگار:

شگر مريضن جي هڏيون ڪمزور جو شڪار ٿي ويندا آهن، جنهن سان کين ڪمزوري ۽ نقاهت جو احساس ٿيندو آهي، انڪري رات ۾ هڪ گلاس گرم ڪڙهيل کير پيئڻ صحت لاءِ بهتر آهي پر ان ۾ کنڊ يا ڪنهن به اهڙي شيءَ جو استعمال نه ڪيو وڃي جنهن ۾ مٺاڻ هجي.

کير جلد ۽ وارن لاءِ فائديمند :

رات جو هڪ ڪپ کير پيئڻ سان خوبصورتي ۾ پڻ اضافو ڪندو آهي، کير جي گهڻي مقدار ۾ پروٽين هوندو آهي جيڪو جلد کي وڻندڙ بڻائيندو آهي، ان سان گڏوگڏ ئي وارن جي چمڪ پڻ وڌائيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے