22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

زينب جي قاتل کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي درخواست تي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس

The Supreme Court dismissed the appeal against the murder of Zainab's murdererلاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ زينب جي قاتل عمران خان کي کلي عام ڦاهي ڏيڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ درخواست تي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انوار الحق زينب جي والد محمد امين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل اشتياق چوڌري ٻڌايو ته جوابدار عمران جون سموريون درخواستون رد ٿي چڪيون آهن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ تحت جوابدار کي کلي عام ڦاهي ڏني وڃي. وڪيل درخواست ڪئي ته جوابدار عمران کي کلي عام ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جسٽس انوار الحق اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته جوابدار عمران جا ڊيٿ وارنٽ ٿيا آهن يا نه ٿيا آهن، هاءِ ڪورٽ ان بابت به تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جولاءِ تي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے