20 خميس , سيپٽمبر 2018

اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿي رهيا آهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قمر الاسلام جي گرفتاري بدقسمتي جي ڳالهه آهي، اهڙي نموني چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿي رهيا آهن. ٽربيونل جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مان پنهنجي تڪ ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو، ڪڏهن ڪنهن آمر جو ساٿ نه ڏنو آهي ۽ پارٽي سان وفاداري تبديل نه ڪئي.  هن چيو ته هاڻي فيصلو تڪ جي عوام کي ڪرڻو آهي، اسان ڀرپور نموني چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ۽ پڪ آهي ته مسلم ليگ ن ڪامياب ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي اميدوار قمر الاسلام جي گرفتاري بدقسمتي جي ڳالهه آهي جنهن کان ڪڏهن جاچ نه ٿي آهي، ڪڏهن پڇا نه ڪئي وئي آهي کيس اوچتو گرفتار ڪرڻ افسوس جي ڳالهه آهي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب کي گذارش آهي ته قمر الاسلام کي فوري طورگرفتار ڪيو وڃي ته جيئن اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي.  هن چيو ته جنهن کي به خراب نظر اچي ٿي مسلم ليگ ن ۾ ئي اچي ٿي، اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿي رهيا آهن ۽ اٿندا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جون 100 پيشيون ٿيون آهن، انضاف ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، مان پهريون ئي چئي ڇڏيو هو ته ڪا اميد ناهي ته نواز شريف کي انصاف ملندو، انصاف نه رڳو هئڻ گهرجي پر ٿيندي نظر اچڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے