23 آچر , سيپٽمبر 2018

لاڙڪاڻي ۾ چيف جسٽس جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ هفتي لاڙڪاڻي ۾ سيشن ڪورٽ جي دوري دوران چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج گل ضمير سولنگي پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار حوالي ڪري ڇڏي آهي. استعيفيٰ جي متن موجب مان 20 مارچ 2017ع کان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس ثاقب نثار عدالتي ڪارروائي دوران منهنجي عدالت جو دورو ڪيو، ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ موبائيل کڻي ميز تي ڦٽو ڪيو. گل ضمير سولنگي موجب چيف جسٽس جي دوري جي ويڊيو اليڪٽرانڪ، پرنت ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاري وئي جنهن سبب منهنجي ساک متاثر ٿي آهي. جج گل ضمير سولنگي چيو ته اهڙين حالتن ۾ مان پنهنجي ڪم جاري نه ٿو رکي سگهان تنهن ڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے