21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ فردوس عاشق کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت

اسلام آباد / لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اپيلٽ ٽربيونلز اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اپيلٽ ٽربيونل سيالڪوٽ جي اين اي 73 تي مسلم ليگ اميدوار خواجه آصف خلاف درخوست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي. ٽربيونل ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ خواجه آصف کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هائيڪورٽ جي اپيلٽ ٽربيونل تحريڪ انصاف جي اميدوار فردوس عاشق اعواڻ جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف به اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس سيد شهباز رضوي اين اي 72 سيالڪوٽ ون تان ووٽرز زيد لطيف جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو ته رٽرننگ آفيسر پي ٽي آءِ اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ قانون موجب منظور ڪيا. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فردوس عاشق اعواڻ نامزدگي ڪاغذن ۾ شادي ۽ ٻارڙن جو خانو نه ڀريو آهي تنهن ڪري سندس نامزدگي ڪاغذن کي رد ڪيو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي به چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے