21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: مقتول نوجوان جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Sukkur: Protest for arrest of respondents by the infidel young heritageسکر ڀرسان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

قومي شاهراهه روهڙي تي روهڙي جي علائقي ڪوٽ مير يعقوب علي واسي تنوير ميراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عامر، محمد نواز ۽ منور ميراڻي سميت ٻين ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن نوجوان تنوير چار سال اڳ فاضلا بتول سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، کيس ٽن پٽن جو اولاد به آهي.

هنن الزام هنيو ته 30 مئي تي سندن نوجوان تنوير کي پنهنجي گهرواري پنهنجي ساهرن سان گڏجي بيدردي سان قتل ڪري لاش روهڙي ڪينال ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏين.

هوڏانهن ٻن ڪلاڪن تائين قومي شاهراهه بند هجڻ بعد ڊي ايس پي روهڙي ڌرڻي تي پهچي واقعي جي شفاف جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhara: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ٻهارا: 10 محرم تي به شهر جو صحت مرڪز بند

*ٻھارا  ۾  عاشور جي ڏهاڙي تي  اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود بنيادي صحت  مرڪز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے