26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪجهه ماڻهو گرفتار ٿي سياسي شهيد بڻجڻ ٿا چاهن: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته کين گرفتار ڪيو وڃي جيئن هو سياسي شهيد بڻجي وڃن. لاهور ۾ نيب ڪمپليڪس جي دوري جي موقعي تي آفيسرن سان خطاب ڪندي جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته بدعنواني جي خلاف بنا فرق جي جهادي جاري رهند، نيب هيڊ ڪوارٽر کي بارود سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي پر زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته نيب سياستدانن کي گرفتار ڪري جيئن هو سياسي شهيد بڻجي وڃن. هن چيو ته نيب ڪنهن جي خواهش جي موجب گرفتاريون ناهي ڪندي، سمورن ڪيسن ۾ گرفتاريون ميرٽ تي ٿينديون. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن وطيرو بڻائي رکيو آهي ته نوٽيس جي باوجود نيب ناهي ايندي ميگا ڪرپشن وارن ڪيسن کي فائلن مان ڪڍيو ۽ انهن کي صاف ڪيو ۽ ميگا ڪرپشڻ ڪيسن ۾ حوصلا افزائي  واري اڳڀرائي ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبضا مافيا قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندي: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته مان اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے