18 اربع , جولاءِ 2018

شادي هالن وارا سامان ٻڌن ۽ ڪو ٻيو ڪم ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ شادي هال وارا پنهنجا ٽپڙ ٻڌن ۽ ڪو ٻيو واپار ڪن. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ قائم غير قانوني شادي هالن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪئي. شادي هالن جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته س ڊي اي کي پنهنجي حدن جو علم ناهي، سي ڊي اي ڪيترن ئي شادي هالن کي زمين الاٽ ناهي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي کي ڪيترائي شادي هال فيس ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن ڇو ته غير قانوني شادي هالن کي ڪيرايو ويندو. شادي هالن جي مالڪن جي وڪيل جواب ڏنو ته سي ڊي اي کي لائسنس فيس ادا ڪري رهيا آهيون پر سي ڊي اي کي زمين جي نوعيت جي تبديلي جون رهتون ڇو ڏنيون. سي ڊي ي اختيارين جو چوڻ هو ته زرعي زمين کي ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ جون رهتون ادا ڪرڻ پونديون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته من مرضي سان ڪا به تعمير نٿا ڪري سگهون اسان جي مهرباني جو غلط فائدو نه کنيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي عدالتي حڪم تي شادي هالن لاءِ قانون بڻايو زرعي زمين تي اسٽيل مل ۽ فيڪٽريون لڳي وڃن ته ڪير به نه پڇي، غير قانوني شادي هالن وارا دير وارا حرٻا استعمال ڪري رهيا آهن، شادي هالن وارا پنهنجا ٽپڙ ٻڌن شادي هال ڊاهي ڪو ٻيو ڪاروبار ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawaz Sharif's Jail Trailer: The prospect of reviewing the decision by the supervisory government

نواز شريف جو جيل ٽرائل: نگران حڪومت طرفان فيصلي تي نظرثاني جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فيلگ شپ ريفرنس جي اڊيالا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے