18 اربع , جولاءِ 2018

ڪراچي ۾ ٻولي جي بنياد تي تڪ بنديون نه ڪيون وڃن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٻولي جي بنياد تي تڪ بنديون نه ڪيون وڃن، شهر جا ماڻهو خلائي مخلوق نه پر جيئرا جاڳندا انسان آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي وارن سان برابر جو رويو رکو، شهر جي ڳڻپ پوري ڪيو، 70 لک ماڻهو نه گهٽايو. هن چيو ته ٻولي جي بنياد تي تڪ بنديون نه ڪيون وڃن، اڄ جا حڪمران سڀاڻي لاءِ دهشتگرد ٺاهي رهيا آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته بلوچستان ۾ نوجوانن کان اينٽي ايئر گرافٽ گن وٺي کين گلدستا ڏنا پيا وڃن، ٿورو ڌيان ڪراچي جي نوجوانن تي به ڏنو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے