26 اربع , سيپٽمبر 2018

ورلڊ ڪپ 2019 ڪيريئر جو آخري ايونٽ هوندو: شعيب ملڪ

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته 2019ع وارو ورلڊ ڪپ منهنجي ون ڊي ڪيريئر جو آخري ايونٽ هوندو ۽ خواهش آهي ته پاڪستاني ٽيم ان ۾ ڪامياب ٿئي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته مان ورلڊ ڪپ تائين ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو، خواهش آهي ته ڪيريئر جو آخري ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيون، ميگا ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندس. هن چيو ته مون کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان جلد رٽائرمينٽ واري فيصلي تي افسوس ناهي، ٽيسٽ ٽيم جي بهتري لاءِ اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ هڪ کان ٻن سالن ۾ بهتري اچي ويندي، نوجوان رانديگر مستقل طور پرفارم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سينيئر جيڪڏهن جونيئر کي نٿو سيکاري ته کيس ٽيم ۾ نه هجڻ گهرجي، ڇو ته سينيئرن جي سپورٽ کانسواءِ جونيئر پرفارم نٿا ڪري سگهن، اسان جي رانديگرن ۾ ڪنهن به ٽيم کي هارائڻ جي صلاحيت موجود آهي. شعيب ملڪ چيو ته مان فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ برازيل کي سپورٽ ڪري رهيو آهيان، انجري ٽائم ۾ برازيل طرفان گول ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي، جيڪڏهن گول نه ٿئي ها ته مان ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃان ها.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے