20 خميس , سيپٽمبر 2018

عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ عدالتون ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ عدالتون ڪجهه نٿيون ڪري سگهن، ان ڪري اسان کان اُهو ڪم ڪرايو جيڪو اسان جي اختيار ۾ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وطن واپسي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي به عدالت ۾ موجود هئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته معلوم ڪرڻ گهرجي ته عافيه زندهه آهي يا نه، جنهن مقصد جي لاءِ پرڏيهي وزارت کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، هاڻ معلوم ٿي ويو ته عافيه صديقي زندهه آهي ان ڪري وڌيڪ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان عافيه صديقي کي آزاد ڪرائڻ چاهيو ٿا ته آمريڪي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، اسان آمريڪي حڪومت کي ڪيئن حڪم ڏئي ٿا سگهون؟ جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي معاملي ۾ حڪومت پاڪستان ۽ عدالتون ڪجهه نٿيون ڪري سگهن ان ڪري اسان کان اُهو ڪم ڪرايو وڃي جيڪو اسان جي اختيار ۾ آهي. ان دوران عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيا صديقي عدالت کي چيو ته توهان عافيه صديقي کي واپس پاڪستان آڻي سگهو ٿا، جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪنهن خود مختيار ملڪ کي حڪم نٿا ڏئي سگهون ڇو ته هتان ڪا به هدايت جاري ڪيون ۽ حڪومت ان کي رد ڪري ته پاڪستان جي بيعزتي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے