22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون: پرنٽنگ پريس جي سيڪيورٽي لاءِ فوجي اهلڪار طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جي حوالي سان ٽنهي پرنٽنگ پريس جي سيڪيورٽي جي لاءِ فوج جي نفري گهري ورتي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي لاءِ فوج جو سهڪار حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان بچاءَ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ساڍا ٽي لک فوجي اهلڪار ڏيڻ جي حامي ڀري ورتي آهي. عام چونڊن جون تياريون هاڻ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ بيلٽ  پيپرن جي ڇپائي جو مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ٽنهي پرنٽنگ پريسن جي سيڪيورٽي جي لاءِ  فوجي اهلڪار گهري ورتا آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان بچاءَ واري وزارت ڏانهن سمري موڪلي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپر اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي پرنٽنگ پرس مان ڇپرايا ويندا ان ڪري 27 جون کان ٽنهي پرنٽنگ پريس تي سيڪيورٽي جي لاءِ فوج مقرر ڪئي وڃي. سمري ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽنهي پرنٽنگ پريس تي بيلٽ پيپر فوج جي نگران ۾ ڇپرايا ويندا ۽ انهن جي ترسيل به فوج جي نگراني ۾ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے