25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عليم خان جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اياز صادق جي اپيل خارج

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ايپلٽ ٽريبون عبدالعليم خان جي ڪاغذن جي منظوري خلاف اياز صادق جي اپيل رد ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مسلم ليگ ن جي ٽيڪٽ تي لاهور کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 تان اليڪشن وڙهندو جڏهن ته سندس مقابلو تحريڪ انصاف پنهنجي صوبائي صدر عبدالعليم خان کي ميدان ۾ لاٿو آهي. اياز صادق عبدالعليم خان جي ڪاغذن جي منظوري خلا ايپلٽ ٽريبونل ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته عبدالعليم خان نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ آمدني جي ذريعن جي باري ۾ غلط بياني ڪئي ان ڪري ايپلٽ ٽريبونل انهن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايپلٽ ٽريبونل جي جج جسٽس طارق سليم شيخ اياز صادق جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ايپلٽ ٽريبونل سردار اياز صادق جي اپيل ردڪندي ريٽرننگ آفيسر عبدالعليم خان جا ڪاغذ منظور ڪندي فيصلو برقرار رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے