18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جو نگران حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) نگران حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو، جي ڊي اي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي حڪومت جو تسلسل آهي. تفصيل موجب ڪنگري هائوس ۾ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جو اجلاس رٿيو ويو. جنهن کي پير پاڳاري، اياز لطيف پيليجي، سردار رحيم، تحريڪ انصاف جي غوث علي شاهه، ذوالفقار ۽ ٻين خطاب ڪيو.  پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ بدليون ۽ مقرريون پيپلز پارٽي جي مفاد ۾ ڪيون ويون، جيڪا حڪومت پاڻي بجلي نه ڏئي سگهي ان کي حڪمراني جو ڪو به اختيار ناهي، پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت ۾ ڪچري جا ڍير بڻايا، ڪارڪن مقابلي جي لاءِ ڀرپور تياري ڪن. هن چيو ته شفاف اليڪشن جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشن کي خط لکيو آهي، سنڌ جي نگران وڏي وزير ڏانهن لکيل خط ڪو به جواب ناهي مليو، سنڌ جو نگران وڏو وزير غير جانبدار ناهي، سنڌ جي اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي، پنجاب ۾ هڪڙو ۽ سنڌ ۾ ٻيو قانون پيو هلي، 25 جولاءِ تي جي ڊي اي اليڪشن جي لاءِ تيار آهي. پير پاڳاري چيو ته موجوده نگران سيٽ اپ مان اميد ناهي، آئون نٿو سمجهان ٿو ته نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائي سگهندي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن، سنڌ ۾ ڪرپٽ افسرن کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ نه پاڻي آهي نه بجلي، ترقياتي بجيٽ لٽي وئي آهي، آصف زرداري کي ڏنل لسٽ تي ٽرانسفر تسليم ناهي، سمورن تڪن جا اميدوار اڄ فائنل ڪري رهيا آهيون، تحريڪ انصاف سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪئي آهي.  هن چيو ته اربين رپين جي سرڪاري زمين تي وزيرن جا قبضا آهن، سنڌ ۾ شفاف ۽ صاف اليڪشن گهرجي، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي 10 ڏينهن جو ٽائيم ڏيون ٿا، اسان جا خدشا ختم نه ٿيا ته سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿيندي. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته اسان کي سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ تي خدشا آهن، سنڌ جي ماڻهن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو نگران وڏو وزير انتهائي ڪمزور آهي، سنڌ ۾ بلدياتي نمائندا اليڪشن مهم هلائي رهيا آهن، سمورن ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر تي اسان جا خدشا آهن. سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي موجودگي ۾ شفاف اليڪشن ممڪن ناهي، نگران وڏي وزير، صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري آهي، جي ڊي اي اميدوارن کي گڏيل موقعا نه پيا ڏنا وڃن. فهميده مرزا چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته شفاف ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪرپٽ ماڻهو ويٺل آهن، شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. پنهنجي خطاب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ غوث علي شاهه چيو ته 10 سالن کان بلدياتي آفيسر مال ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، سنڌ ۾ شفاف چونڊون ڪرائيون وڃن، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته سان جا خدشا ختم ڪيا وڃن. جي ڊي اي جي اڳواڻ سردار رحيم چيو ته عوام ڪرپٽ اميدوارن سان رعايت نه ڪري، جي ڊِ اي عوام کي انصاف ۽ روزگار ڏيندي. پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو ته ماڻهن تي  ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪٽرايون ويون آهن ۽ هارين جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس اليڪشن ڪميشن کي احتجاج خط لکيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي حڪومت جو تسلسل آهي جڏهن ته نگران حڪومت تي عدم اعتما جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط جي متن موجب انتظامي عهدن سميت پوليس آفيسرن جي مقرري سنڌ حڪومت ڪئي، نگران حڪومت رڳو مقرر ناما جاري ڪيا، پنجاب جيان سيڪريٽري، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس آفيسر تبديل ڪيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

A suspect was arrested from Karachi's Karachi area of Karachi

ڪراچي: رينجرز جون مختلف علائقن ڪارروايون، 5 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 5 ڏوهارين کي گرفتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے