20 خميس , سيپٽمبر 2018

ايپلٽ ٽريبونلز ۾ درخواستن جي ٻڌڻي: ڪيترن ئي اميدوارن جون اپيلون منظور ۽ رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ قائم ايپلٽ ٽريبونلز ۾ اميدوارن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد يا منظور ٿيڻ جي خلاف داخل اپيلن تي فيصلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايپلٽ ٽريبونل تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سڀاڻي صبح 9 وڳي طلب ڪري ورتو، هن خلاف اين اي 35 بنون تان جسٽس ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي انعام الله اعتراض واريا. جسٽس عبدالشڪور عمران خان جي خلاد داخل اعتراضن تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي هڪ ڌيءَ آهي جنهن جو ذڪر هن نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ناهي ڪيو ان ڪري هن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. سنڌ جي اليڪشن ٽريبونل جي جج جسٽس ڪي ڪي آغا سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته ٽريبونل قرار ڏنو ته مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت ثابت ناهي ٿي. درخواست ڪندڙ جو موقف هو ته مراد علي شاهه ٻٽي شهريت لڪائي ان ڪري هو صادق ۽ امين ناهي رهيو. راولپنڊي جي اپيلٽ ٽريبونل اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا ڪاغذ منظور ٿيڻ جي خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. شاهد خاقان عباسي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته منهنجي وڪل پنهنجا سمورا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا ٻنهي فارمن ۾ ايئر لائن جي شيئرز جو ذڪر به ڪيو آهي. ٽريبونل جي جج جسٽس عباد الرحمان لوڌي شاهد خاقان عباسي جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي خلاف اپيل ڪندڙ مسعود عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌايو جيڪا نا اهليت ثابت ڪري، آڱٺو آءِ ڊي ڪارڊ جي مٿان لڳل آهي يا هيٺان، اِها ڪا ڳالهه ناهي، نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ڪٿي ٽيمپرنگ ٿي اها ڏيکاريو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽريبونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان متحده مجلس عمل جي اميدوار اسد الله ڀٽو کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٽريبونل اسد الله ڀٽو جي اپيل منظور ڪندي ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اميدوار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسد الله ڀٽو جو هاري ڪمپني بابت ناهي جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ طرفان وضاحتي ليٽر به وصول ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ٽريبونل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني کي اليڪشن ڪميشن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. سعيد غني اليڪشن ڪميشن جي خلاف پولنگ اسٽيشن تڪ تان پري بڻائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي پر ٽريبونل کيس لاڳاپيل اداري ۾ درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ڪراچي جي لاءِ پيپلز پارٽي جي قادر مندوخيل ايڊووڪيٽ جي اپيل منظور ڪري ورتي. ريٽرننگ آفسر ڪريمنلز ڪيس ۽ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي قادر مندوخيل جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا پر ٽريبونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پشاور جي اليڪشن ٽريبونل اڳوڻي صوبائي وزير شهرام ترڪئي کي ڪليئر قرار ڏيندي ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. شهرام ترڪئي جي ذمي ٽيلي ڪميونيڪيش ڪمپني جون 3 هزار 870  رپين جون رهتون هيون پر سندس وڪيل رهتون جمع ڪرائڻ جي رسيد عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن بعد ٽريبونل کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. تحريڪ انصاف جي اميدوار عامر ڪياني جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ان جي خلاف ڪيس جي رپورٽ اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عامر ڪياني جي خلاف داخل ڪيس  تي نصير آباد ٿاڻي جو جاچ آفيسر پيش ٿيو، ڪيس جي اخراج تي مجسٽريٽ جي ڪاپي پيش نه ڪرڻ تي ٽريبونل سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايس پي انويسٽي گيشن کان ڪيس جي صورتحال بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٽريبونل ايس پي انويسٽي گيشن جي رپورٽ اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس اعجاز سواتي تي ٻڌل اليڪشن ٽريبونلز اميدوارن جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. ٽريبونل صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 ڪوهلو تان آزاد اميدوار نوابزاده گزين مري کي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي لاء اهل قرار ڏئي ڇڏيو. گزين مري جا نامزدگي وارا ڪاغذ تائيد ۽ تجويز ڪندڙن جي آر او جي سامهون عدم پيشي تي رد ٿيا هئا. ايپلٽ ٽريبونل صدر بي اي پي ڄام ڪمال جي خلاف داخل 2 درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، هن اين اي 272 ۽ پي بي 50 تان ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. درخواستگذار ڄام ڪمال جا اثاثا لڪائڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے