21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي 25 ويجهن بيورو ڪريٽن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن: نيب جي تجويز

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي 25 ويجهن بيورو ڪريٽن جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وجهڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. نيب جي ترجمان موجب اهڙو قدم انهن بيورو ڪريٽن طرفان ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ پنهنجي اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪري کنيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته انهن بيورو ڪريٽن جي نالن جي حتمي فهرست تيار ڪئي وئي آهي جڏهن ته کين مليل مراعتن جي تفصيل جمع ڪئي پئي وڃي. خانگي ٽي وي چينلن موجب جن بيورو ڪريٽن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي انهن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري سيڪريٽري صحت علي جان خان، قائد اعظم سولر پاور پلانٽ جو سي اي او نجم شاهه، پيراگون سٽي جو فنانس ڊائريڪٽر فرحان علي ۽ مينجر شهزاد وحيد، لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( ايل ڊي اي) سٽي جا ميمبر ملڪ آصف، ميان طاهر جاويد، عبدالرشيد احيد، شاهد صادق ۽ ابراهيم ڀٽي شامل آهي. ٻين ماڻهن ۾ پاور ڊيولپمينٽ جو سي اي او سيد فرخ شاهه، گجرانوال ويسٽ مينجمنٽ ڪمپني جو سي اي او وسيم اجمل، خالد مجيد، راڻا محمد عارف، جميل احمد، ڊي سي او اوڪاڙا ۽ اڳوڻو فيصل آباد جو چيئرمين انڊسٽريل ڪمپن محمد اسلم قاسم شامل آهي، ان کان سواءِ محمد لطيف، اسلم خان ۽ علي باجوه نالي بيورو ڪريٽ جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. نيب ترجمان موجب ننڪانا صاحب ۾ پاڻي جي فراهمي واري منصوبي ۾ 18 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن، منڊي فيض آباد ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن ۽ شاهه ڪوٽ ۾ سيوريج منصوبي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن جي الزام ٿيل چيف انجنيئر شاهد اظهار جي خلاف بدعنواني جي خاتمي وارو کاتو ۽ هڪ انٽيليجنس ايجنسي جاچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ڪرپشن جي حوالي سان اطلاع آهن ته اها ڪرپش حمزه شهباز شريف طرفان ڪئي وئي ۽ شاهد اظهار سندس فرنٽ مين جي طور تي ڪم ڪري رهيو هو. نيب جي موجوده ذريعن موجب اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ اعليٰ عهدن تي پوليس آفيسرن سميت ڪجهه وڌيڪ بيورو ڪريٽن کي ڪرپشن ڪيسن ۾ جاچ جي لاءِ طلب ڪري سگهجي ٿو. ماضي ۾ احد چيما جي گرفتاري تي بيورو ڪريٽن احتجاج ڪيو ويو پر انهن جي خلاف مستقبل ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے