24 سومر , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو عمران اسماعيل سان ٽيليفونڪ رابطو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عمران اسماعيل تان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ اليڪشن ۾ امڪاني سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي هدايت ڪندي ڪراچي جي چونڊ مهم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. تفصيل موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ عمران اسماعيل جو پارٽي چيئرمين عمران خان کي چوڻ هو ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي مهم وڌيڪ تيز ڪئي ويندي ۽ ڪراچي مان اليڪشن توهان کي کٽي ڏيکارينداسين. ان موقعي تي عمران خان ڪراچي جي چونڊ مهم تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ عمران اسماعيل کي اليڪشن ۾ امڪاني سيٽ ايڊجسٽمن جي هدايت به ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے