26 اربع , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ تڪراري بيان تي نواز شريف ۽ شاهد خاقان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ممبئي حملن بابت تڪراري بيان تي اڳوڻن وزير اعظمن نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي. تفصيل موجب جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ ممبئي حملن بابت تڪراري بيان تي اڳوڻن وزير اعظمن نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف تڪرار انٽرويو ڏئي ملڪ ۽ قوم سان غداري ڪئي، اڳوڻي وزير اعظم خلاف بغاوت جي الزام تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته شاهد خاقان عباسي جو ڪهڙو ڪردار هو، درخواستگذار جي وڪيل  چيو ته شاهد خاقان عباسي نواز شريف کي اجلاس جي ڪارروائي ٻڌائي، قومي سلامتي اجلاس جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ شاهد خاقان عباسي جو غير ذميواراڻو فعل آهي. عدالت اڳوڻن وزيراعظمن نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے