22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ طالبان جون حمايتي پارٽيون آهن: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ طالبان جون حمايتي پارٽيون آهن، جن کي 2013 جي چونڊن ۾ طالبانن ڪاميابي ڏياري پ  پ اڳواڻ مولابخش چانڊئي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ن ليگ طالبان خلاف آپريش ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، حالتن آپريشن ڪرڻ تي مجبو ڪيو سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري پيو، عوام ڄاڻي ٿو ته شهر ۾ امن سنڌ حڪومت، رينجرز ۽ پوليس جي ڪاروواين جو ثمر آهي مولابخش چانڊئي چيو ته ن ليگ ڪراچي جي ترقياتي رٿائن لاءِ وڏا وڏا اعلان ڪيا پر آخري تائين به فنڊ جاري نه ڪيا ويا هن چيو ته ملڪ ۾ 90 سيڪڙو توانائي جو بحران ختم نه پر وڌيو آهي، جنهن ڪري ملڪ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے