22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد: متحدا قبائل موومنٽ پاران  فاٽا ۾ ڪي پي ڪي سان گڏ چونڊو ڪرائڻ لاءِ احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فاٽا ۾ صوبائي چونڊون ڪي پي ڪي سان گڏ ڪرائڻ لاءِ متحدا قبائل موومنٽ جو احتجاج جاري آهي. متحدا قبائل موومنٽ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن فاٽا ۾ صوبائي چونڊون خيبرپختونخواهه سان گڏ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن جڏهن ته هنن الڪيشن ڪميشن جي فيصلي کي مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن جو وڏو انگ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ موجود آهن جتي هو اليڪشن ڪميشن جي آفيس وڃڻ چاهن ٿا جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، احتجاج ڪندڙ کي خاردار تاريون لڳائي روڪيو ويو آهي.  پوليس طرفان  مظاهرو ڪندڙن تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هو سيڪيورٽي لائن کان اڳتي نه وڃن جڏهن احتجاج ڪندڙن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ سندس مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے