22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف هڙتال، ڪيترائي حريت اڳواڻ گرفتار

A strike against Indian oppression in Walar Kashmir, several Hari leaders arrestedسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ معصوم ڪشميري نوجوانن جي عدالتن کان مٿڀري  قتل خلاف حريت قيادت جي سڏ تي اڄ شٽربند هڙتال جاري آهي. ڪشميري ميڊيا سيل موجب حريت پسند اڳواڻن سيد علي گيلاني، مير واعظ عمرفاروق ۽ ياسين ملڪ جي اپيل تي ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جاري آهي. جنهن سبب سمورا تعليمي ادارا بند ۽ ڪاروباري سرگرميون معطل آهن جڏهن اچ وڃ نه هئڻ ڪري روڊ رستا ويران آهن. ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ قابض ڀارتي فوج اهم هنڌن تي نفري وڌائي ڇڏي آهي. والاريل ڪشمير ۾ هڙتال ڪلگام ضلعي ۾ قابض ڀارتي فوج جي هٿان جعلي مقابلي ۾ ٽن نوجوانن جي شهادت تي ڪئي پئي وڃي. ٽنهي ڪشميرن شاگردن کي ڀارتي فوج گرفتار ڪري عدالتن کان مٿڀرو قتل ڪيو هو  ۽ لاش ويران هنڌ تي ڦٽي ڪيا ويا هئا جڏهن رڳو مئي مهيني ۾ 50 جي لڳ ڀڳ ڪشميرن کي شهيد ڪيو ويو هو. حريت قيادت ڀارتي فوج جي هٿن ڪشميرن جي قتل عام جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪشميرن کي هراسان ڪرڻ لاءِ ڀارتي فوج ڪشمير ۾ آپريش وال آئوٽ ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد ڪشمير جي ماڻهن جو قتل ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ آهي.قابض ڀارتي فوج مزاحمت ڪندڙن تي پيلٽ ۽ گوليون هلائيون پيون وڃن ۽ گهرن تي بارودي مواد سان تباهه ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ڀارتي حريت اڳواڻ ياسين ملڪ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ضلعي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے