18 اربع , جولاءِ 2018

انفيڪشن سبب امڙ جي صحت جي بهتري جو عمل رڪجي ويو آهي: مريم نواز

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته انفيڪشن سبب سندس امڙ جي صحت ۾ بهتري جو عمل بيهجي ويو آهي، جنهن سبب کيس اڃا تائين هوش نه اچي سگهيو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح امڙ جي صحت آهي، اڃا سياست بابت نه سوچي رهيا آهيان. هن چيو ته اسان ڪيسن کان ڀڄڻ وارا نه آهيون، ڪلثوم نواز جي صحت بهتر ٿيڻ تي ميان صاحب فوري واپس اچي ويندو. هن چيو ته منهنجي قوم کي دعائن جي اپيل آهي، بيگم ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے