18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: ڏهرڪي: جوا لاءِ رقم ۽ زيور نھ ڏيڻ تان جواري مڙس هٿان زال قتل ڪرڻ جي ڪوشش

Daharki: not giving money and jewelry for gambling, Husband beat his wife * ڏهرڪي ويجهو القطب جوا لاءِ رقم ۽ زيور نھ ڏيڻ تان جواري مڙس پاران گهرواري کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

القطب ٽائون ۾ متاثر عورت جي رڙين تي  پاڙين وارن پهچي کيس بچائي ورتو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس  اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي متاثر ناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  پنج مهينا اڳ گهروارن  سندس  شادي ويجهي مائٽ بابر علي ملڪ سان ڪرائي هئي جيڪو هڪ جواري  آهي.

 هن چيو تھ  هو  شادي بعد جوا لاءِ پئسا نه ڏيڻ تي تشدد ڪندو رهيو ۽ ڏاج ۾ ملندڙ سمورو سامان جوا  کيڏي هارائي ڇڏيو.

متاثر ناري ٻڌايو تھ سندس مڙس جوا  لاءِ زيور گهريا  انڪار ڪرڻ تي غلام محي الدين ملڪ، صابر علي ملڪ، شهباز ملڪ ۽ ٻين هن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو.

 هوڏانهن ڏهرڪي ٿاڻي تي ناري جي مڙس بابر علي ملڪ سميت چئن  ڄڻن خلاف شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

ڏهرڪي پوليس طرفان جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ خلاف ناري جي وارثن محمد يوسف ملڪ، عمران ملڪ، اڪرم ملڪ، الله دين ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

هنن  چيو تھ واقعي جو ڪيس ڏهرڪي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

هن ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين  تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mediator: Jahan, woman and good husband died in two sentences, the latest interview

نيوز:مديجي: ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، عورت ۽ چڱو مڙس مارجي ويا،نينگري مرڻينگ

مديجي ڀرسان پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے