22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ واضح ڪيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، جيڪو مئنڊيٽ مليو آهي اهو مقرر وقت تي پورو ڪنداسين. وزيراعظم هائوس ۾ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جي صدارت ۾ چونڊن جي انتظام بابت اجلاس ۾ چئني نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي چونڊ انتظامن بابت بريفنگ ڏني. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز انتظامي معاملن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. چئني آءِ جيز به اليڪشن بابت سڪيورٽي پلان تي بريفنگ ڏني ۽ سڄي ملڪ جي حساس پولنگ اسٽيشنن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين شرڪت ڪندڙن کي پولنگ اسٽيشنز ۽ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران سڪيورٽي جا نهايت سخت انتظام ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته جيڪو مئنڊيٽ ڏنو ويو آهي تنهن کي مقرر وقت تي پورو ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے